چانڊيو سٻڙ خان

چانڊيو، سٻڙ خان: ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي اشاري تي جڏهن حسين مرڙاڻي، مير بهرام خان ٽالپر کي ماري ڇڏيو، تڏهن عرضي خدمتگار درٻار جو اندران در کولي دانهون ڪندو روئندو ۽ چوندو نڪتو ته هاءِ هاءِ مير بهرام قتل ٿي ويو. درٻار جي ٻاهر مير بهرام خان جو پٽ مير صوبدار خان بيٺو هو. سو اهو ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ يڪدم اتي بيٺل الله بخش ليکي کي قتل ڪيائين ۽ درٻار ۾ جيئن ئي درٻار ۾ داخل ٿيو ته ميان سرفراز خان وٺي اندر ڀڳو ۽ راڄو ليکي، الله بخش ليکي جي لاش ڏي ڀڳو، مير صوبدار باقي رهيل درٻارين تي حملو ڪري ڏنو. مير صوبدار ڪافي بهادر سپاهي جهٽ پٽ ۾ قتل ڪري ڇڏيا. تنهن کان پوءِ سٻڙ خان جانوري مير صاحب تي حملو ڪيو. سٻڙ خان جانوري جڏهن به گهران نڪرندو هو ته ٻه تلوارون چيلهه جي ٻنهي پاسي ٻڌي پوءِ نڪرندو هو ۽ هميشه چوندو هو ته آءُ هڪ ئي ضرب سان قتل ڪندو آهيان. جڏهن مير صاحب سٻڙ خان کي ايندو ڏٺو ته مير صاحب زوردار نعرو هنيو ۽ سٻڙ خان به نعري جي جواب ۾ چيو ته ”ڇوڙ ڏي اپڻي تيغ و سپر“، مير صاحب جواب ڏنس ته ”آ ته ڇوڙ ڏيوان“. جڏهن سٻڙ ويجهو آيو تڏهن مير صاحب اهڙو ته زوردار وار ڪيو جو سٻڙ خان جو پيٽ ڦاٽي پيو ۽ مري ويو. ياد رهي ته جانوري، چانڊيا قبيلي جو هڪ پاڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو